ٺل ويجهو ريلوي اسٽيشن ڀرسان زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 فوٽ پٽڙي اڏامي وئي

ٺل ويجهو ويلوي اسٽيشن ڀرسان زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 فوٽ پٽڙي اڏامي وئي، جنهن سبب ريل گاڏين جي جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي.

ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 فوٽ ريلوي ٽريڪ اڏامي وئي، جنهن سبب ڪراچي کان پشاور ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس کي ٺل ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو.

ريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سبب  5 فوٽ پٽڙي اڏامي وئي آهي، پٽڙي جي مرمتي ڪم ۾ ڪجهه ڪلاڪن جو وقت لڳي ويندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مادي جي جاچ لاءِ لاڙڪاڻي مان بم ڊسپوزل عملي کي طلب ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*