اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته وفاق سنڌ مان روينيو جي مد ۾ 60 ارب رپيا وٺي ويو، وفاق اسان جو حق ڏئي نه ته اين ايف سي تي صحيح نه ڪنداسين

qaim ali shah

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته وفاق سنڌ مان روينيو جي مد ۾ 60 ارب رپيا وٺي ويو، وفاق اسان جو حق ڏئي نه ته اين ايف سي تي صحيح نه ڪنداسين.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب دوران قائم علي شاهه وزيراعظم نواز شريف جو نالو کڻڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي چون ٿا اسان ڪجهه ناهي ڪيو، انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پيپلز پارٽي سنڌ کي رڳو هڪ منصوبي ۾ هڪ سئو ارب رپيا ڏنا آهن.

هن چيو ته هڪ صاحب حيدرآباد ۾ چيو ته پيپلز پارٽي اليڪشن ۾ ڪهڙي منهن سان ويندي، اسين سرخرو ٿي وينداسين، جنهن جو اعتراف اپوزيشن ليڊر سردار صاحب به ڪندو.

قائم علي شاهه چيو ته وفاق سنڌ مان روينيو جي مد ۾ 60 ارب رپيا کڻي ويو پر سنڌ کي پنهنجو حق به نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏهن اسان کي پنهنجو حق نه ڏنو ويو ته اين ايف سي تي صحيح نه ڪنداسين……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*