آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته آزاد ڪشمير ريجمينٽ ملڪ جي بچاءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن

army cheif

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته آزاد ڪشمير ريجمينٽ ملڪ جي بچاءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، آزاد ڪشمير ريجمينٽ جي شهيدن جو تعداد 3 هزار 842 آهي.

آزاد ڪشمير ريجمينٽ سينٽر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ملڪ جي حفاظت لاءِ آزاد ڪشمير ريجمينٽ جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف قمر جاويد باجوه ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اشفاق نديم پاران ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان کي مقرري جا بيج لڳايا ويا آهن.

  آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*