وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تعصب پکيڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن همٿ آهي ته سرعام چيو وڃي

cm sindh assembly

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تعصب پکيڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن همٿ آهي ته سرعام چيو وڃي، اسين اپوزيشن کي روئاريندڙن کان به بچائي رهيا آهيون، وقت اچڻ تي ترقياتي ڪم به ڳڻائينداسين.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن جي تقرير تي رد عمل ظاهر ڪندي وڏي وزير چيو ته اسپيڪر ايتري اجازت ڏئي ٿو ميمبر سياسي تقريرون شروع ڪري ڇڏين ٿا.

هن چيو ته سردار صاحب ٻڌائي ته پنهنجي 5 سالا حڪومتي دور ۾ ڪو هڪ پرائيوٽ ٺهراءُ پاس ڪيو؟ خدمتن تي ٽيڪس ٻيون صوبائي حڪومتون به وٺن ٿيون ۽ حڪومت جو ڪم ٽيڪس جمع ڪرائڻ هوندو آهي.

وڏي وزير چيو ته قائم علي شاهه جيڪو چيو، اهو اپوزيشن کان برداشت نه ٿيو، سردار صاحب وساري ڇڏي ٿو، اسان ته اوهان کي روئاريندڙن کان به بچائي رهيا آهيون…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*