باڊهه ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

badah

باڊهه ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

جمشيد ڀٽي، منير ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين درگاهه چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهر جي واٽر سپلاءِ ۽ آر او پلانٽ ناقص هجڻ ڪري 70 سيڪڙو کان مٿي آبادي ڪڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي

هنن چيو ته درگاهه شريف محلو، پراڻي باڊهه ۽ ڦلپوٽا پاڙي سميت شهر جي ڪيترن ئي پاڙن ۾ جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري رهواسي مٺي پاڻي لاءِ پريشان  آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته کارو پاڻي پيئڻ سبب رهواسي گيسٽرو، چمڙي ۽ پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.

هنن وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪندي چيو ته واٽر سپلاءِ ۽ آر او پلانٽ جي مرمت ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*