سپريم ڪورٽ لاکڙا ڪول پاور پلانٽ ليز ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار گوهرالله جي ضمانت منظور ڪندي کيس 2 ڪروڙن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ لاکڙا ڪول پاور پلانٽ ليز ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار گوهرالله جي ضمانت منظور ڪندي کيس 2 ڪروڙن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت جوابدار فقيرداد کوسو، سهيل اڪبر شاهه ۽ عبدالرشيد سولنگي جي ضمانت پڻ پڪي ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته نيب پنهنجي ايمانداري ۽ جانبداري تي ٺاهه ڇو ڪندي آهي.

نيب جي وڪيل ناصر مغل دليلن ۾ چيو ته الفتح گروپ پاران 6 هزار 824 ايڪڙ زمين ڪول پاور پلانٽ لڳائڻ لاءِ ليز تي ورتي  هئي.

نيب جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته ڪمپني پاور پلانٽ لڳائڻ بدران ڪوئلو وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿيڻ سان گڏ قومي خزاني کي اڍائي ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي. ……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*