بدين ۾ ڏکڻ سوڊان مان باغين هٿان اغوا ٿي ويل انجنيئر اياز جمالي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

badin ayaz jamali

بدين ۾ ڏکڻ سوڊان  مان باغين هٿان اغوا ٿي ويل انجنيئر اياز جمالي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاهد حسين جوکيو، امير حسن پنهور ۽ غلام رسول سومرو  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 11 ڏينهن اڳ سوڊان ۾ باغين انجنيئر اياز جمالي کي اغوا ڪيو هو، جنهن جي بازيابي لاءِ هن وقت تائين ڪي به قدم نه پياکنيا وڃن.

هنن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي رهواسي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سنجده نظر نه پئي اچي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته  وفاقي حڪومت فوري طور تي سوڊان حڪومت سان رابطو ڪري انجنيئر اياز جمالي کي بازياب ڪرائي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*