خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ملازمن 30 هين ڏينهن به مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

khairpur-map10-8

خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ملازمن 30 هين ڏينهن به مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ملازمن فيض محمد ڦلپوٽو، قلندر بخش بوزدار، اسلم گهمرو، باسط خلجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 2015 ع کان مسئلا حل ڪرڻ  لاءِ يونيورسٽي انتظاميه ساڻن واعدا ڪيا هئا جيڪي هن وقت تائين پورا نه ٿي سگهيا آهن.

اڳواڻن چيو ته مسئلا حل نه ٿيڻ سبب ملازمن ۾ وڏي پيماني تي مايوسي پکڙجي وئي آهي، ڪيترائي ملازم اسپتال بيڙا به ٿي رهيا آهن

هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ انتظاميه طرفان مسئلا حل ڪرڻ جو کين يقين ڏياريو ويو هو  پر ان باوجود سندن مسئلا حل نه پيا ٿين.

اڳواڻن چيو ته جيستائين کين مسئلن جي حل لاءِ لکت ۾ دستاويز نه ڏنو ويندو، تيستائين هو پنهنجو احتجاج جاري رکندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*