سنڌ اسيمبلي ٿرڪول اٿارٽي ترميمي بل 2017، سميت 5 بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتا

Sindh-Assembly-29716

     سنڌ اسيمبلي ٿرڪول اٿارٽي ترميمي بل 2017، سميت 5 بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿرڪول اٿارٽي ۾ ڪابه تبديلي نه پئي ڪئي وڃي، ٿر ۾ ٺهندڙ سڀئي روڊ ٿرڪول اٿارٽي ذريعي ٺاهيا ويا، جن دوستن کي ڪم پسند نه آيو اهي عدالت ۾ هليا ويا آهن.

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ روينيو بورڊ ترميمي بل 2017، سنڌ شهيد اعتراف ۽ معاوضو ترميمي بل،سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفرااسٽريڪچر سيس بل 2017 ۽ جيڪب آباد انسٽيٽيوت آف ميڊيڪل سائنسز ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور،

 اجلاس آغا سراج دراني جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته سوالن جوابن جي وقفي دوران ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي نائلا منير چيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس تيزي سان ڦهلجي رهي آهي جنهن ڪري ڪيتريون ئي زندگيون اجهامي رهيون آهن، هن چيو ته 2013 کان 2014 تائين هيپاٽائيٽس سبب 103 ماڻهون فوت ٿيا سنڌ حڪومت ڪهڙا اپاءُ ورتا آهن.

اسيمبلي ۾ صوبائي وزير سڪندر مينڌري جواب ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جا ٽي ماڊرن پي سي آر ليب آهن، جڏهن ته 17 اسڪريننگ سينٽرز ۽ 61 ڊائگنوسٽڪ مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن.

اسيمبلي ۾ ٿرڪول اٿارٽي ترميمي بل 2017 تي بحث دوران وڏي وزير چيو ته ٿرڪول اٿارٽي ۾ ڪابه تبديلي نه پئي ڪئي وڃي، ٿر ۾ ٺهندڙ سڀئي روڊ ٿرڪول اٿارٽي ذريعي ٺاهيا ويا، جنهن دوست کي ڪم پسند نه آيو اهي عدالت ۾ هليا ويا آهن.

هن چيو ته جنهن کي جيڪو چوڻو آهي همت آهي ته سرعام چوي تعصب ڦهلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، هن چيو ته افسوس آهي ته ٿرڪول ترميمي بل تي ڳالهائڻ بجاءِ ايوان ۾  سياسي تقرير ڪئي وئي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته اپوزيشن کي روئارڻ وارن کان بچايو پيو وڃي.

اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار چيو آهي ته پ پ وزير جي پنجاب کي ترقي ڏيارڻ واري بيان تي روئڻ اچي رهيو هو، سنڌ سرڪار ٻڌائي ته صوبي جي ڪهڙي يونين ڪائونسل ۾ ماڊل اسڪول ٺاهيو ويو آهي، صوبو تباهه ٿي رهيو آهي، سونا تاج ڪهڙي منهن سان پاتا پيا وڃن.

جواجا اظهارالحسن چيو ته  حڪومت جي ميمبرن جي تقرير کل ايندي آهي، هتي سڀ کائو ۽ کارايو وارو ماحول آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*