الطاف حسين متحده کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو سڀاڻي آخري خطاب ڪندو

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر متحده کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سڀاڻي متحده قائم طور هو آخري خطاب ڪندو، جنهن کانپوءِ سندس پارٽي سان ڪوبه واسطو نه هوندو.

لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ الطاف حسين چيو ته هن هيٺئين طبقي جي ماڻهن سان گڏجي جدوجهد ڪئي پر اسٽيبلشمنٽ کيس قبول نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس تعلق ڪنهن جاگيردار گهراڻي سان نه هو.

هن چيو ته 4 ڀيرا مارشل لا لڳا پر ملڪ جي قسمت تبديل نه ٿي، مشرف نيڪ نيتي سان ڪم ڪيو، ايم ڪيو ايم سندس حمايت ڪئي.

الطاف حسين چيو ته کيس بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، را جو ايجنٽ سڏيو ويو ۽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، نيٺ وطن واپسي جا رستا به بند ڪيا ويا.

ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته گورنر عشرت العباد کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ کپندو هو، هن ادا نه ڪيو.

هن چيو ته سڀاڻي هو قائد طور آخري خطاب ڪندو، جنهن کانپوءِ متحده کي الواع چئي ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته هو نه ٿو چاهي ته سندس وڌيڪ ساٿين کي قتل ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*