جيئرو ساڙيل عيسائي جوڙي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي

پنجاب جي شهر قصور جي علائقي ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ جيئرو ساڙيل عيسائي جوڙي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي لاش مڪمل طور تي سڙي چڪا هئا، جنهن سبب اهي ڊي اين اي جي قابل به نه هئا.

ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ ڳوٺاڻن پاران بٺي ۾ اڇلائي جيئرو ساڙيل شهزاد ۽ سندس گهرواري آسيه بي بي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.

پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، زال مڙس جو موت باهه جي شدت گهڻي هئڻ ڪري ٿيو، لاش مڪمل طور سڙي چڪا هئا، ان ڪري ڊي اين اي ٽيسٽ قابل به نه هئا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڙي ويل عورت آسيه بي بي جي ڳورهاري هئڻ جا ڪي به ثبوت ناهن مليا.

واضح رهي ته علائقي واسين مبينا توهين مذهب جو الزام مڙهي ٻنهي جوڙي کي بٺي ۾ اڇلائي ڇڏيو هو، جنهن سبب اهي سڙي فوت ٿي ويا هئا، پوليس بٺي مالڪ سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*