نوجوان لڇمڻ داس جي ڪي ٽي اين نيوز تي خبر نشر ٿيڻ جو ڊي سي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي ڇڏيو نوڪري ڏيڻ جي خاطري

لاڙڪاڻي ۾ ڪکائين ڇپري هيٺ  ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيندڙ نوجوان لڇمڻ داس جي ڪي ٽي نيوز تي خبر نشر ٿيڻ جو ڊي سي لاڙڪاڻُو نوٽيس  وٺندي نوجوان لاءِ ماهوار وظيفي جو اعلان ڪندي کيس نوڪري ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

لوئر ڪالوني ۾ باگڙي برادري جي ٻارڙن کي ڪکائون ڇپرو ٺاهي تعليم ڏيندڙ نوجوان لڇمڻ داس واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ جو ڊي سي لاڙڪاڻو جاويد جاگيراڻي ورتو ۽  نوجوان وٽ پهتو.

ڊي سي پاران نوجوان کي اسڪول جو فرنيچر ۽ ٻارڙن لاءِ درسي ڪتاب ڏنا ويا ۽ ماهيوار وظيفو ڏيڻ جو پڻ  اعلان ڪيو.

ڊي سي جاويد جاگيراڻي جو  چوڻ هو ته نوجوان ٻارڙن جي مستبقل لاءِ پاڻ پتوڙيندي مفت تعليم ڏئي رهيو آهي، جيڪو عمل ساراهه جوڳو آهي.

ڊي سي لاڙڪاڻو وڌيڪ چيو ته نوجوان لڇمڻ داس کي سرڪاري نوڪري ڏيارڻ لاءِ سيڪريٽري تعليم کي سفارش ڪئي ويندي ۽ اسڪول لاءِ عمارت منظور ڪرائڻ لاءِ به ڪوشش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*