ٿر ۾ ڏڪار يا انتظامي غفلت؟

ارم گل

اڄڪلهه هر پاڪستاني ملڪي معاملات کان گهڻي ڀاڱي اگاهه ٿي چڪو آهي انهن کي خبر آهي ته ملڪ  ۾دهشتگردي نا انصافي مهنگائي بيروزگاري غربت تعليم جي تباهي عورتن تي تشدد ٻارن کان زبردستي مزدوري ڪرائڻ . انتها پسندي  ۽ ان کان علاوه ٻيا به سوين معاملا آهن جيڪي زير بحث آهن . جڏهن ته حڪومت پنهنجي دلو جان سان انهن مسئلن جي حل لاءَ جاکوڙي رهي آهي پر  انهن لاءَ وري هڪ نئون چيلينج سامهون اچي ٿيو آهي ۽ اهو چيلينج آهي پاڪستان جو ريگستاني علائقو  ٿر ۽ ان ۾ رهندڙ  ٿرواسي.جانورن جي لاتعداد موت کان پوءِ ٿري ماڻهو ۽ معصوم ٻارڙا موت جي ور چڙهي رهيا آهن.ٿر ۾ ڏڪار ته قدرتي آهي پر موت هرگز قدرتي ناهي ۽ ان ڳالهه کان به پاڪستاني عوام ۽ اسان جي محنتي حڪمران  آگاهه آهن هڪ محتاط ڪاٿي موجب گذريل ڪجهه مهينن جي اندر 400 ٻارڙا ۽ 121 ماڻهو غذا ۽ دوائن جي کوٽ سبب موت جي ور چڙهي چڪا آهن. تعداد ۾ ڪافي اضافو ٿيو آهي پر صحيح تعداد هميشه عوام کان لڪايو ويندو آهي. حڪومت جي غفلت ۽ غير سنجيدگي جي ڪري اڄ ماروئڙن جي قتل کي قدرتي موت جو نالو ڏئي سياسي چورن کي بچايو پيو وڃي اسان جو سڪيلڌو چيف منسٽر پنهنجي رپورٽ ۾ فرمائي ٿو ته ٿر ۾ ٻارن ۽ وڏن جي موت جو سبب بيماري آهي کاڌي جي کوٽ ناهي.سائين مڃيو سين اوهان صحيح پيا چئو پر جيڪڏهن بيماري جي سبب ئي موت ٿي رهي آهي ته به ڳالهه اوهان جي ڳچي ۾ آهي ڇو ته ميڊيڪل جي سهولت ڏيڻ به اوهان جي زميواري آهي.جيئن ته ٿر قدرتي وسائل سان مالامال آهي ۽ ٿر جي خوبصورتي به قابل تعريف آهي.ٿر ۾  ڪوئلي جي کاڻ دنيا جي وڏين کاڻن مان ڇهين نمبر تي آهي لوڻ جي کاڻ  مختلف قسمن جون ڀاڄيون  ۽ مور صرف ٿر مان ملن ٿا قدرت جي ايترين مهربانين جي باوجود ٿرواسي بک پيا مرن .اڄ به  ٿر جا ڪيترائي ڳوٺ بجلي گئس صاف پاڻي تعليم اسپتال ڪاليج يونيورسٽين کان محروم آهن بحرحال ٻيون سهولتون ته ٺهيو اڄ حالت اها وڃي بيٺي  آهي جو معصوم ٻار ن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي ۽ وڏن وٽ سکڻي اميد ۽ دلاسي کانسواءَ ڪا واهه ڪونهي.سوال مهنجو هتي اهو آهي ته اڄ ميڊيا وڏي ترقي ڪئي آهي هر ماڻهو جي سوشل ميڊيا تائين رسائي ٿي چڪي آهي هر گهر ۾ ريڊيو ٽي وي آهي هر هوٽل تي اخبار رسالو اچي ٿو ۽ اسان جي ليکڪن ۾ به وڏو واڌارو آيو آهي ايڏي وڏي انقلاب کان پوءِ به ان جا ماروئڙا بک مرن پيا ۽ اسان جا عام  سنڌي ماڻهو سنڌي ليڊر سنڌي حڪمران پنهنجي پنهنجي زندگين ۾ مصروف آهن جڏهن ڪجهه ميديا تي ڏسن  يا پڙهن ٿا ته  افسوس جا ٻه اکر ڳالهائي ۽ 5  ڏهه رپيه خيرات ڏئي پاڻ کي مطمئن ڪن ٿا.اسان سنڌي پاڻ کي فقير سمجهڻ ڪڏهن ڇڏينداسين؟ اسان ڪڏهن پنهنجي حقن کي سمجهنداسين؟ جڏهن اسان پنهنجا حق نٿا سمجهو تڌهن ئي هي چور اسان سنڌين کي خيرات ڏئي پاڻ کي عظيم ۽ اسان کي مظلوم بڻائين ٿا.پاڪستان جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هليا وڃو سنڌين سان هميشه سوتيلو سلوڪ ڪيو ويو آهي چاهي اها وفاقي حڪومت هجي يا سنڌ حڪومت هجي يا ڪا انٽرنيشنل ميڊيا هجي يا اردو ميڊيا سنڌي ۽ سنڌين جا مسئلا هميشه رد ڪيا وڃن ٿا.تازو پشاور سانحو پيش آيو جنهن تي پوري دنيا افسوس ڪيو ۽ افسوس نما واقعو به آهي پر انهن ٻارن جو قتل دهشگردن ڪيو جن کي پڪڙڻ مشڪل آهي ۽ ان واقعي کي انسانيت جو قتل قرار ڏنو ويو. باقي جيڪا ٿر ۾ معصوم ٻارن جو روز قتل ٿيي پيو ۽ اهي دهشتگرد ته روز ٽي وي تي اچي وڏا وڏا ڊراما ڪن ٿا انهن کي سزا ڇو ڪونه ٿي ملي  اهي پاڻ کي نااهل قرار ڏئي استيفا ڇو ڪونه ٿا ڏين؟ انهن کي گرفتار ڇو ڪونه ٿو ڪيو وڃي؟  انهن تي اردو ۽ انٽرنيشنل ميديا ڇو نٿي ڳالهائي؟ ان جي وجهه صرف اها آهي ته ٿري ماڻهو  سنڌي آهن ۽ سنڌ سان وابسته آهن. انڪري سنڌي ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته انهن جو سڄڻ ڪير ڪونهي نه اسيمبلين ۾ اندر ۽  نه ئي  اسيمبلين کان ٻاهر ويٺل بيوروڪريٽس ۽ اردو ميڊيا. ڇو ته هر ڪنهن کي پنهنجو پيٽ پالڻو آهي ۽ گهر صحيح سلامت  وڃڻو آهي.انڪري اسان سنڌين کي پهرين ته پنهنجو حق سمجهڻ گهرجي ۽ ان کي ڪيئن وٺڻو آهي ان جي تياري ڪرڻ گهرجي ان سان گڏوگڏ جيڪي غير شعورمند  اٻوجهه سنڌي آهن انهن جي زميواري به اسان باشعور سنڌين تي آهي.ڇو ته اها ڳالهه ذهنن مان ڪڍي ڇڏيو ته هي ڪامورا اسان تي رحم کائيندا ۽ پاڻهئي اسان کي اسان جو حق ڏيندا.تازو اياز پليجو جو آرٽيڪل ڪاوش اخبار ۾ شايع ٿيو جيڪو حقيقت تي مبني آهي اياز پليجي سنڌين کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهي ڪيترا مالامال آهن ۽ پاڪستان جي اڪنامي ۾ ڪيترو حصو ڏئي پاڪستان کي امير ۽ سنڌ کي غريب تر غريب ڪري رهي آهي.؟ پليجي صاحب جي موجب سنڌ جيڪا ملڪ جي ڪل ذخيري مان 72 سيڪڙو گئس 58 سيڪڙو پيٽرول پيدا ڪري ٿي جيڪا ملڪ جي بجلي جو 40 سيڪڙو  ٿي ڏي. جي پي ڊي جي 33 سيڪڙو ۽ ٽيڪسز جو 68 سيڪڙو بار سالن کان کڻي بيٺي آهي جنهن وٽ ملڪ جي واحد بندرگاهه آهي جيڪا سنڌ ملڪ جو 70 سيڪڙو ڪيلو 50 سيڪڙو کجور32 سيڪڙو چانور 26 سيڪڙو ڪمند  21 سيڪڙو ڪڻڪ ۽ ڪپهه ڏئي ٿي. اها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو  هڪ وڏي قطار م بيٺل نطر ايندا  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي يا وري ڪنهن ايم اين اي جي درن تي ڌڪا کائيندي انهن جي گاڏين اڳيان لٽڪندي نظر ايندا. ايتري شاهوڪار سنڌي عوام کي چيو  وڃي ٿو ته اوهان ايترا ٻار ڇو ٿيون پيدا ڪيو؟ انهن جا ٻار بک بدحالي ۽ مختلف بيمارين جي سبب پيا مرن ۽ اسڪول وڃڻ جي پاران يا ته اسپتالن ۾ دم ڏين  پيا يا وري کوهه تان پاڻي ڀرين يا مال چارين يا وري ڪالين وغيره جهڙي ڪا مزدوري ڪري پيٽ ۾ ڪو داڻو وجهن ٿا.اها حالت آهي سنڌ جي ۽ سنڌي ماڻهن جي جن کي هٿ سان ان صورتحال ۾ پهچايو ويو آهي ۽ هٿرادو مسئلن ۾ الجهائي سنڌ کي هرپ ڪرڻ جي سازش سامراج طرفان رٿيل آهي جيڪڏهن اڃا به سجاڳ سنڌي ان سازش کي نه سمجهندا ۽ پنهنجي سنڌي ماروئڙن جي سار نه لهندا ته پوءِ اهو ڏينهن پري ڪونهي جو سنڌي قوم صرف قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ملندي سنڌ ڌرتي تي نه

Erumgul17@yahoo.com

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*