گهاري ويجهو نوجوان هٿ آيل نوجوان جوڙي جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا

gharo-map05-8

گهاري ويجهو نوجوان هٿ آيل نوجوان جوڙي جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ڊاڪٽرن جوڙي پاران زهر پي آپگهات ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.

حرجنا سالٽ ويجهو 18 ورهين جي سويتا ۽ 22 ورهين جي وِڪي مسيح جا لاش مليا، پوليس ٻنهي ڄڻن جا لاش پهرين گهاري اسپتال آندا جتي پوسٽ مارٽم جي سهولت نه هئڻ ڪري لاشن کي مڪلي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سول اسپتال مڪلي جي ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم بعد زهر پي آپگهات ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو، سندن چوڻ هو ته جزا ليبارٽري موڪليا آهن، رپورٽ اچڻ بعد موت جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا.

پوليس موجب، نوجوان وڪي نئون ڪوٽ جو رهواسي هو ۽ ناري سويتا جو تعلق ڀنڀور سان آهي، ٻئي سئوٽ هئا.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*