نوشهروفيروز ۾ 4 ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل پيش امام جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو

nfroze

نوشهروفيروز ۾ 4 ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل پيش امام جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو.

وارثن غلام نبي ڦل ،مولانا عبدالله ڦل ،عبدالخالق ڦل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حافظ محمد سليم ڦل جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نوابشاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ته نوجوان مسجد جو پيش امام هو، کيس ڪوڙو ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪيو ويو.

هنن چيو ته پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود مک جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، جوڙيل ٽيم به خاموش تماشائي بڻيل آهي.

هنن وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو ته بيگناهه قتل ڪيل نوجوان جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*