پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف پاران اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهي سنڀالڻ وارين خبرن کان لاعلمي ظاهر ڪندي چيو آهي

Nafees zakriya

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف پاران اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهي سنڀالڻ وارين خبرن کان لاعلمي ظاهر ڪندي چيو آهي ته انجنيئر اياز جمالي جي بازيابي لاءِ سوڊاني حڪومت سان مسلسل رابطي ۾آهيون، پاڪستان جي ڪوششن سبب اياز جمالي اڃا تائين جيئرو آهي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار برينفگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان، ڀارتي فوج جي والاريل ڪشمير ۾ جارحيت جي مذمت ڪري ٿو، ڀارتي فوج گذريل ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ 4 ڄڻن کي شهيد ڪيو آهي.

هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير  ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

نفيس ذڪريا چيو ته پوري دنيا ڄاڻي ٿي ڀارت پاڪستان ۾ مداخلت ۽ دهشتگردن جي مالي سرپرستي ۾ ملوث آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري کان وڌيڪ ڀارتي مداخلت جو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته ڀارت پاران انساني حقن جي ڪميشن کي والاريل ڪشمير جو دورو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي.

پرڏيهي ترجمان  نفيس ذڪريا چيو ته گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن کي ڀارت ۾ اقليتن سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هن چيو ته  دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

پرڏيهي ترجمان چيو ته چار ملڪي ڪور گروپ افغانستان ۾ مفاهمتي عمل ۽ مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان اپريل ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ 6 ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا وڌيڪ چيو ته اڳوڻو آرمي راحيل شريف هڪ عام شهري آهيان ان جي مقرري واري معاملي بابت ڪو به سوال پرڏيهي کاتي جي زمري ۾ نٿو اچي، هڪ وزير راحيل شريف جي معاملي بابت بيان ڏئي چڪو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*