سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته سماجي ۽ جمهوري ترقي جي لاءِ قانون جي حڪمراني ضروري آهي

Saqib-Nisar-26117

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته سماجي ۽ جمهوري ترقي جي لاءِ قانون جي حڪمراني ضروري آهي، جسٽس امير هاني مسلم جي فيصلن سان قانون جي ترجماني کي اهميت ملي آهي.

سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ٿيندڙ جج جسٽس امير هاني مسلم جي مان ۾ فل ڪورٽ ريفرنس  کي خطاب ڪندي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته قانون جي حڪمراني انفرادي حد تائين محدود نه رهڻ گهرجي.

هن چيو ته جسٽس امير هاني جا ڪيترائي فيصلا مثالي آهن، سرڪاري ادارن ۾ رشوت ۽ پنهنجا نوازي واري نظام جو خاتمو ضروري آهي.

 فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي اٽارني اشتر اوصاف چيو ته جسٽس امير هاني مسلم پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو هو.

هن چيو ته جسٽس امير هاني مسلم شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ جنگ وڙهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ  سندس ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

فل ڪورٽ ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل ۽ سينئر وڪيلن جي شرڪت ڪئي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*