خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هڪ سال اندر ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي

ishaq dar

خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هڪ سال اندر ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، پاڪستان کي ڊجيٽل ملڪ ۾ تبديل ڪيو ويندو، جلد پاڪستان دنيا جي 20 مضبوط معيشتن وارن ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان گذريل 3 سالن ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

هن چيو ته حڪومت ملڪ جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسحاق ڊار وڌيڪ چيو  ته سي پيڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا، جنهن سان بيروزگاري جي خاتمي ۾ مدد ملندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*