قمبر ۾ استاد گهنور چانڊيو جي وارثن عورتن سندس بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

kambar

قمبر ۾ استاد گهنور چانڊيو جي وارثن عورتن سندس بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ سڀايو چانڊيو مان 40 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل پرائمري استاد گهنور چانڊيو جي امڙ وزيران، ڏاڏي صاحبان ۽ ٻين ٻڌايو ته  استاد گهنور کي بيگناهه کنڀيو ويو آهي.

هنن چيو ته استاد گهنور بازياب نه ٿيڻ ڪري گهر ۾ مسلسل پريشاني واري صورتحال ڇائنيل آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ماستر بازيابي ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*