اينٽي ڪرپشن جي اهلڪارن کي خاڪي رنگ جي وردي ڏني وئي آهي، چيئرمين غلام قادر ٿيٻو چيو آهي

anty cruption

اينٽي ڪرپشن جي اهلڪارن کي خاڪي رنگ جي وردي ڏني وئي آهي، چيئرمين غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن اهلڪارن کي وردي ملڻ سان سندن الڳ سڃاڻپ ٿيندي ۽ ڪاررواين ۾ به مدد ملندي.

  غلام قادر ٿيٻي چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ وڌيڪ تبديليون آنديون پيون وڃن جنهن سان کاتي جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي.

اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته کاتي مان پوليس جي ڊيپوٽيشن مڪمل ختم ڪئي ويندي.

اينٽي ڪرپشن جي اهلڪارن چيو ته نئين وردي ملڻ سان الڳ سڃاڻپ ملي آهي، هنن چيو ته چيئرمين اينٽي ڪرپشن جي ڪوششن سان کاتي ۾ تبديليون اڄي رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*