لاهور، بکر ۽ بنون ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ 32 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

operation

لاهور، بکر ۽ بنون ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ 32 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

بنون جي آمندي عمر خان واري علائقي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري قتل ۽ اغوا سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو.

لاهور  جي نشتر ڪالوني ۽ ڪوٽ لکپت واري علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 15 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

بکر جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 17 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب گرفتار شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*