ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي گرفتار ڪارڪن جي نشاندهيءَ تي رينجرز ڪارروائي ڪري قبرستان ۾لڪايل هٿيار هٿ ڪري ويا

Karachi-Cracker-Blast-10117

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي گرفتار ڪارڪن جي نشاندهيءَ تي رينجرز ڪارروائي ڪري قبرستان ۾لڪايل هٿيار هٿ ڪري ويا، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران هڪ سياسي جماعت جي ڪارڪن سميت 30 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو،  پنجاب چورنگي ويجهو هڪ شخص جو لاش مليو.  نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري هڪ سياسي جماعت جي ڪارڪن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي جماعت جو گرفتار ڪارڪن صولت مرزا جو ويجهو ساٿي آهي. نيو ڪراچي جي بلال ڪالوني ۾ پوليس اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو، درخشان پويلس ڇاپو هڻي 10 مبينا ڏهارين کي  حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

شاهراهه فيصل پوليس ڪارروائي ڪري کيسا ڪٽيندڙ گروپ جي ستن ڄڻن کي سوگهو ڪري ورتو، جڏهن ته 2 ڄڻا فرار ٿي ويا.

ايف بي انڊسٽريل ايريا پوليس ڪاررواي ڪندي غيرقانوني طور ترسيل افغاني شهري کي گرفتار ڪري ورتو، گلبرگ پوليس مسواڙي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٻن جوابدارن کي حراست ۾ ورتو.

پنجاب چورنگي ويجهو هڪ شخص جو لاش مليو، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

باغ ڪورنگي قبرستان ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري کڏ کوٽِي وڏي مقدار ۾ لڪايل هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون.

رينجرز اختيارين موجب ايم ڪيو ايم لنڊن سان تعلق رکندڙ هڪ گرفتار جوابدار جي نشاندهيءَ تي قبرستان ۾ ڪارروائي ڪئي وئي.

ٻن ڪلاڪن جي کوٽائي بعد چئن ٻورين ۾ لڪايل ايل ايم جيز، ايم ايس جيز رائفلز ۽ نائن ايم ايم پسٽلز هٿ ڪيا ويا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*