ايئرچيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته پاڪ فضايه ملڪ کي درپيش چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي

air marshal sohail

ايئرچيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته پاڪ فضايه ملڪ کي درپيش چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، ملڪ جي بچاءَ ۾ ايئر فورس کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي.

رسالپور ۾ ايئرفورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي يئر چيف مارشل سهيل امان چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي ايئر فورس ۾ سٺا لاڳاپا آهن، ايئر فورس قوم جي اميدن تي پورو لهندي.

هن چيو ته تربيت مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس فيلڊ ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندا، بهتر ڪارڪردگي تي انعام حاصل ڪندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪون ڏيان ٿو.

برطانوي ايئر چيف مارشل سراسٽيفن  جان چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فضائيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

هن چيو ته برطانيا جا پاڪستان سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن، مستقبل ۾ اهي لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا.

برطانوي ايئرچيف مارشل سر اسٽيفن جان وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ايئرفورس جو ڪردار اهم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*