مٺياڻي واسي نوجوان 4 مهينن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو

mithianisindh

مٺياڻي واسي نوجوان 4 مهينن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن موجب ڳولا باوجود پتو نه پئجي سگهيو آهي. مستوئي پاڙي جو رهواسي 35 سالن جو الهڏتو مستوئي 4 مهينا اڳ حيدرآباد ويندي پراسرار نموني گم ٿي ويو. نوجوان جي ڀاءُ الهڏنو ۽ سئوٽ محمد پريل مستوئي ٻڌايو ته هنن مختلف شهرن ۾ الهڏتو مستوئي جي ڳولا ڪئي پر سندس پتو نه سگهيو.  هنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته نوجوان جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*