سنڌ ڪاءِ ڪورٽ پاڪ ڪالوني جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾زخمي ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي مقرري نه ڪرڻ جو حڪم جاري

sindh-highi-court11-8

سنڌ ڪاءِ ڪورٽ پاڪ ڪالوني جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾زخمي ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي مقرري نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي جوابدارن خلاف داخل ڪيس جا چالان طلب ڪري ورتا آهن.  پاڪ ڪالوني ڪراچي جي رهواسي نوجوان يوسف کي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪندڙ اهلڪارن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدارن ڪوڙي مقابلي ۾ هڪ بيگناهه شهري کي زخمي ڪيو ۽ توهان انهن کي نوڪري مان فارغ ڪرڻ بجاءِ ڄامشورو ٽول پلازا تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.  جسٽس احمد علي شيخ چيو ته جيگڏهن توهان جي ٻارن کي پيسن جي لالچ ۾ گوليون هنيون وڃن هان ته توهان کي کي احساس ٿئي ها.  اي آءِ جي عدالت ۾ جواب داخل ڪندي چيو ته جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته جوابدارن سکر هاءِڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪرائي ورتي آهي.  عدالت چيو ته صرف ڪيس داخل ڪرڻ سان ڪو فرق نه پوندو جيستائين ڪيس جو فيصلو نه اچي جوابدارن کي ڪابه پوسٽنگ نه ڏني وڃي.  نوجون کي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪندڙ نوجوان جي جوابدارن ۾ انسپيڪٽر شاهجان لاشاري، انسپيڪٽر زبير گهمڻ، اي ايس آءِ ناصر صديقي سميت 6 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*