سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڪمشنر ڪراچي روشن شيخ ۽ ٻين خلاف زمينن جي الاٽمنٽ واري ڪيس تي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

Roshan shaikh

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڪمشنر ڪراچي روشن شيخ ۽ ٻين خلاف زمينن جي الاٽمنٽ واري ڪيس تي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي .

جسٽس فاروق شاهه جي سربراهي ۾ بينچ روشن شيخ ۽ سيڪريٽري لينڊ يوٽلائزيشن  غلام مصطفيٰ جي ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 26 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

نيب جي وڪيل پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدارن غير قانوني طور ڪيترائي ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي آهي.

نيب جي وڪيل پاران عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته جواب داخل ڪرائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت ڏني وڃي.

عدالت پاران نيب جي وڪيل جي استدعا تي نيب کي 26 اپريل تائين محلت ڏيندي تفصيلي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*