گورنر سنڌ محمد زبير چيو آهي ته گذريل 50 سالن ۾ گرين لائن بس جهڙو ڪوبه منصوبو نه هو، هلندڙ سال گرين لائن بس منصوبو مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ڪراچي جي عوام کي تحفو ڏنو ويندو

zbair.

گورنر سنڌ  محمد زبير ناظم آباد ۾ گرين لائن پراجيڪٽ جي دورو کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرين لائن منصوبو وفاقي سرڪار پاران تحفو آهي جيڪو هلندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو.

گورنر سنڌ چيو ته ڪراچي جا ماڻهو جديد ٽرانسپورٽيشن نظام چاهين ٿا، ايندڙ مهيني وزير اعظم گرين لائن انٽر سيڪشن جو افتتاح ڪندو.

هن چيو ته گذريل 50 سالن ۾ گرين لائن جهڙو ڪوبه منصوبو نه هو وفاقي سرڪار ڪراچي واسين کي تحفو ڏنو آهي.

ڊي سي سينٽرل ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪورنگي به گورنر محمد زبير سنڌ سان گڏ هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*