گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڪستان ڳالهين جا دروازا ڪڏهن به بند ناهن ڪيا

maliha lodhi

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڪستان ڳالهين جا دروازا ڪڏهن به بند ناهن ڪيا، پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ واري ڀارتي ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي.

نيويارڪ ۾ شاگردن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مليحه لوڌي چيو ته سي پيڪ سان خطي ۾ خوشحالي ايندي.  سندس چوڻ هو ته چين جي هڪ بيلٽ ۽ هڪ شاهراهه وارو وزن سڄي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سبب بڻبو ۽ ان منصوبي سان سمورن ملڪن ۽ ماڻهن جي فتح ٿيندي.  گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر چيو ته پاڪستان پرامن پاڙيسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ سڄي خطي جي سمورن ملڪن سان لاڳاپن ۾ سهڪار چاهي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان ڳالهين جا درواز ڪڏهن به بند نه ڪيا آهن پر ڀارت گڏيل ڳالهيون وارو عمل معطل ڪري لاڳاپن کي خراب ڪري ڇڏيو آهي.  سندس چوڻ هو ته وزيراعظم نوازشريف ڀارت سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ پرعزم آهي.

هن چيو ته پاڪستان ست ڀيرا گڏيل قومن  جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي چڪو آهي،. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي پاليسي ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان کي  اڪيلو ڪندڙ پاڻ ئي اڪيلو ٿي ويندو.  مليحه لوڌي  چيو ته پاڪستان جو مستقبل جمهوريت سان آهي، افغانستان مسئلي جو واحد حل ڳالهين وارو عمل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*