سپريم ڪورٽ جو سينئرترين جج جسٽس امير هاني مسلم اڄ پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي رهيو آهي

justice amir hani

سپريم ڪورٽ جو سينئرترين جج جسٽس امير هاني مسلم اڄ پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي رهيو آهي، جسٽس امير هاني مسلم 14 فيبروري 2011 تي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو هو.

جسٽس امير هاني مسلم 1981 ۾ وڪالت جي شروعات ڪئي،1983 ۾ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل ۽ 2000 ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل طور ڪم ڪيو.

جسٽس امير هاني مسلم 1994 ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بعد ۾ 1995 ۾ کيس ترقي ڏئي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪيو ويو.

2002 ۾ امير هاني مسلم کي ٻيهر ترقي ڏئي ڊپٽي اٽارني جنرل پاڪستان مقرر ڪيو ويو، 23 آگسٽ 2002 تي کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪيو ويو هو..

جسٽس امير هاني مسلم بطور جج تاريخي ۽ اهم نوعت جا فيصلا ڪيا آهن، جن ۾ سنڌ سرڪار جي بيورو ڪريسي ۽ وفاقي آفيسر شاهي جي من ماني جي حوالي سان ڪيترائي فيصلا  شامل آهن.

جسٽس امير هاني مسلم پوليس کاتي ۾ آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪيس ۾ تاريخي فيصلو ڏنو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ من ماني ڀرتين جو نوٽيس وٺي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڏنو.

جسٽس امير هاني مسلم جج طور سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ صحت معاملي جي حوالي سان ڪميشن ٺاهي معاملن جي جاچ پڙتال ڪرائي.

امير هاني مسلم احتساب بيورو ۾ غيرقانوني ڀرتين جو نوٽيس ورتو، رٽائرڊ مينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ڪيس جو فيصلو ڏيندي نيب جي چئن ڊي جيز کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو.

جسٽس امير هاني مسلم پاناما ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ   ۾ميمبر طور شامل هو بعد ۾ ذاتي سببن ڪري بئنچ کان الڳ ٿيو……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*