سوڊان ۾ باغين هٿان اغوا ٿيل سنڌي انجنيئر اياز جمالي کي بازياب ڪرائڻ کانپوءِ خرطوم ايئرپورٽ تي انتظاميا حوالي ڪيو ويو

Ayaz-jamali-24317

سوڊان ۾ باغين هٿان اغوا ٿيل سنڌي انجنيئر اياز جمالي کي بازياب ڪرائڻ کانپوءِ خرطوم ايئرپورٽ تي انتظاميا حوالي ڪيو ويو،  اياز جمالي کي سوڊان ۾ موجود سندس ڀاءُ بابت جمالي حوالي ڪيو ويندو، سندس والد غلام حسين جو چوڻ آهي ته پٽ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جلد ڏيهه اچي ويندو.

سوڊان ۾ اغوا ٿي ويل بدين واسي سنڌي انجنيئر اياز جمالي کي چين ۽ ڏکڻ سوڊان جي مدد سان باغين کان بازياب ڪرائڻ کانپوءِ خرطوم ايئرپورٽ تي انتظاميا حوالي ڪيو ويو آهي.

اياز جمالي کي 19 مارچ تي ٻن ڀارتي انجنيئرز سميت باغين اغوا ڪيو هو، کيس سوڊان ۾ موجود سندس ڀاءُ بابر جمالي حوالي ڪيو ويندو.

انجنيئر اياز جمالي جي والد غلام حسين جو چوڻ آهي ته بازيابي کانپوءِ پٽ سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هــُو بلڪل خيريت سان آهي، جلد ڏيهه اچي ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*