پاراچنار جي نور مارڪيٽ ۾ ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن

parachanar

پاراچنار جي نور مارڪيٽ ۾ ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.  پوليٽيڪل انتظاميه موجب نور مارڪيٽ ۾ ڌماڪي ۾ هڪ عورت ۽ ٻن ٻارن سميت 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.  پوليٽيڪل انتظاميه چيو ته زخمين کي شهر جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، سمورن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پوليٽيڪل انتظاميه چيو ته واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.  آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي پشاور منتقل ڪرڻ لاءِ هيليڪاپٽر روانا ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*