ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڏڪار واري صورتحال ۽ کارو پاڻي واپرائڻ سبب سوين ٻارڙا گيسٽرو جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن

chachro

ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڏڪار واري صورتحال ۽ کارو پاڻي واپرائڻ سبب سوين ٻارڙا گيسٽرو جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن.

ڪِروڙو، جيتراڙ، کاريو فصل ۽ ڪاگيا ڇاپر سميت سوين ڳوٺن ۾ کوهن جو کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب گيسٽرو وگهي سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعلقي اسپتال داخل ڪيا ويا.

ڇاڇرو تعلقي اسپتال ۾ روزانو جي بنياد تي مريضن جي او پي ڊي ٽي کان چار سئو تائين پهچي وئي.

ٿرپارڪر جي صحت کاتي انتظاميا هفتو گذرڻ باوجود ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي، متاثر ماروئڙن مطالبو ڪندي چيو ته سندن ڳوٺن ۾ گيسٽرو وڌي رهي آهي، صحت کاتو ٽيمون موڪلي معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*