سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي هيوي ٽريفڪ تي پابندي کي يقيني بڻائڻ ۽ قبضا هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

sindh-high-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي هيوي ٽريفڪ تي پابندي کي يقيني بڻائڻ ۽ قبضا هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت شهر جي داخلي رستن تي بيريئرز ۽ اسڪينر لڳائڻ لاءِ هنڌن جي نشاندهي ڪري هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس جي سمورين برانچز کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي بابت درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پنهنجون رپورٽون جمع ڪرايون.

رپورٽس ۾ چيو ويو ته ايمپريس مارڪيٽ جهڙن علائقن ۾ حد دخلين ۽ غير قانوني قبضن سبب ٽريفڪ جام رهي ٿي، جنهن ڪري حد دخلين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت هيوي ٽريفڪ جي داخلي تي پابندي کي يقيني بڻائڻ ۽ شهر اندر غير قانوني قبضن توڙي حد دخلين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي رستن تي بئريئرز ۽ اسڪينر لڳائڻ لاءِ هنڌن جي نشاندهي ڪري هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

عدالت چيو آهي ته ڊرائيونگ لائيسنس جي سمورين برانچز کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪري ٽريفڪ سسٽم کي بڻائڻ لاءِ پٿارا ۽ ٻيون حد دخليون هٽايون وڃن.

عدالت ٽول پلازه کان اڳ گاڏين جا مڪمل دستاويز، ڊرائيونگ لائيسنس ۽ فٽنس سرٽفيڪٽ چيڪ ڪرڻ واري پوائنٽ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*