شاهپور چاڪر ۾ بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ خلاف سروري جماعت جي ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو

shahpur chakar map

شاهپور چاڪر ۾ بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ خلاف سروري جماعت جي ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو.

ٽائون ڪميٽي جي ڪائونسلر ۽ سروري جماعت جي اڳواڻ گل محمد ڏاهري،  صدر حنيف سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري سانگهڙ نواب شاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

ايس ايڇ او اسحاق سنگراسي  احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهر ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي ڪاٽي وئي آهي.

اڳواڻن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب سندن ڪاروبار مڪمل طور ٺپ ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته حيسڪو وارا واڌو بل اماڻي رهيا آهن، احتجاج باوجود انهن خلاف ڪو به نوٽيس نه ٿو وٺي.

اڳواڻن چيو ته پيٽرول پمپ، شاپنگ سينٽر ۽ ٻين هنڌن تي بنا جواز بجلي جا ڪنيڪش ڪاٽيا ويا آهن.

هنن وس واران کان مطالبو ڪيو ته فوري طور بجلي جا ڪنيڪش بحال ڪري کين پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*