ڪنڊيارو ۾ ٽول پلازه جي عملي پاران زبردستي ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف احتجاج کي 54 ڏينهن گذرڻ باوجود اختيارين نوٽيس ناهي ورتو

kandiyaro

ڪنڊيارو ۾ ٽول پلازه جي عملي پاران زبردستي ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف احتجاج کي 54 ڏينهن گذرڻ باوجود اختيارين نوٽيس ناهي ورتو.

ٽرانسپورٽرز ۽ شهرين مير خان سهتو، رمضان خاصخيلي، ظفر کوسو، خالد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽار چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته قومي شاهراهه تي قائم ٽول پلازه جو عملو غير قانوني ٽول ٽئڪس اوڳاڙي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته احتجاج کي 54 ڏينهن ٿي چڪا آهن پر ڪو به نوٽيس نه پيو وٺي.

هنن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني ٽيڪس اوڳاڙي جو نوٽيس وٺي، ٽول پلازه ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*