ٽنڊوڄام ۾ ڏهن ڏينهن کان هلندڙ ايگريڪلچر انجنيئرنگ ورڪشاپ جي ملازمن جو احتجاج مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ختم ڪرايو ويو

Tando-Jam-24-2-16

ٽنڊوڄام ۾ ڏهن ڏينهن کان هلندڙ ايگريڪلچر انجنيئرنگ ورڪشاپ جي ملازمن جو احتجاج مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ختم ڪرايو ويو.

ڊائريڪٽر جنرل پاران ٺٽي ۾ مقرر انجنيئر شاهجهان شاهه ۽ سنڌ ايگريڪلچر ورڪشاپ يونين اڳواڻ منور زئي ملازمن کي سندن مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته يونين اڳواڻن تي داخل ڪيس ختم ڪري ايگريڪلچر ورڪشاپ جي انجنيئر غلام مصطفيٰ کي بدلي ڪيو وڃي ۽ ملازمن کي پروموشن ڏئي سن ڪوٽا تي عمل ڪيو وڃي.

اڳواڻن ملازمن کي سندن مسئلا حل ڪرڻ خاطري ڪرائي 10 ڏينهن کان هلندڙ احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*