لعلو رائنڪ جي پورهيت جي گهر ۾ گذريل ڇهن مهينن کان گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي

lalurkain

لعلو رائنڪ جي پورهيت جي گهر ۾ گذريل ڇهن مهينن کان گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب سندس ٻار مختلف بيمارين ۾مبتلا ٿي ويا آهن.

چنا  پاڙي  جي  رهواسي  پورهيت  گل  محمد  چنا  جي  گهر  ۾  گذريل  ڇهن  مهينن  کان  نيڪال  جو  گندو  پاڻي  جمع  ٿي  وڃڻ سبب سندس سڄو  خاندان   گندي  پاڻي  ۾  رهي  زندگي  بصر  ڪري  رهيو  آهي.

گهر  ۾  بيٺل  گندي پاڻي  سبب  پورهيت  جا  معصوم  ٻارڙا  ڪيترن  ئي  بيمارين  ۾   مبتلا  ٿي  ويا  آهن،  احتجاج باوجود چونڊيل نمائندن سندس سار نه لڌي آهي.

پورهيت گل محمد چني اعليٰ اختيارين کان مطالبوڪيو آهي ته پاڻي نيڪال جي لاءِ اپاءُ ورتا وڃن ته جئين سندس ٻچڙا بيمارين کان بچي سگهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*