جيڪب آباد ۾ 15 ڏينهن اڳ قتل ٿيل عورت جي وارثن ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

jacobabad

جيڪب آباد ۾ 15 ڏينهن اڳ قتل ٿيل عورت جي وارثن ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

15 ڏينهن اڳ مڙس هٿان قتل ٿيل مسمات سحر جي وارثن ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي وارثن چيو ته جوابدار علي رضا، محمد ادريس ۽ سندس چاچو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مٿن دٻاءُ وجهي رهيا آهن.

هنن چيو ته جوابدار پوليس جي حراست ۾ آهن، جيستائين انهن کي سزا نه ملندي تيستائين هو سک جو ساهه نه کڻندا.

مقتول عورت جي وارثن چيو ته جوابدار  مقتولا جي معصوم نياڻي ۽ پٽ کي به کانئن کسي ويا آهن، وس وارا نوٽيس وٺن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي سخت سزا ڏئي مقتول عورت جا ٻارڙا واپس ڏياريا وڃن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*