ميرپور بٺوري ۾ پوليس ٻن فيڪٽرين تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ ڪري چار جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

mirpur-bathiro

ميرپور بٺوري ۾ پوليس ٻن فيڪٽرين تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ ڪري  چار جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس يحيٰ پکالي ۽ واحد بخش پکالي جي فيڪٽرين تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ ڪري ورتو.

ڪارروائي دوران پوليس علي احمد ملاح، شڪور مير کور، غفور ۽ سارنگ ملاح کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

پوليس جي چڙهائن خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ۽ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس گذريل ڏينهن پيسا وٺي کين گٽڪو کپائڻ جي اجازت ڏني هئي.

هنن چيو ته پوليس فيڪٽرين بدران گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي.

پوليس چيو آهي ته جوابدارن وٽان وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ آيو آهي، جن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*