اڳوڻي صدر علي آصف زرداري چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ڪوڙن ڪيسن جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي

Asif-Zardari-Bilwal-19117

اڳوڻي صدر علي آصف زرداري چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ڪوڙن ڪيسن جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، ڊاڪٽر عاصم جي آزادي انتقامي سياست جي شڪست آهي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊاڪٽر عاصم 19 مهينن تائين ذهني ۽ جسماني اذيتون برداشت ڪيون آهن.

لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته ڊاڪٽر عاصم جلد صحتياب ٿي پارٽي جون ذميواريون سنڀاليندو.

آصف زرداري چيو ڊاڪٽر عاصم  پاڻ سان ٿيندڙ ظلم جو ڀرپور نموني سان مقابلو ڪيو آهي، ڊاڪٽر عاصم جي آزادي انتقامي سياست جي شڪست آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊاڪٽر عاصم 19 مهينن تائين ذهني ۽ جسماني اذيتون برداشت ڪيون آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوڙا ڪيس ڊاڪٽر عاصم کي جهڪائي نه سگهيا آهن، پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن اڳ ۾ به جيلن جون سختيون برداشت ڪيون آهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*