ٺاروشاهه ويجهو پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪتل شادي شده عورت جي وارثن نوجوان جي گهر تي حملو ڪري چار عورتن سميت 7 ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو
ٺاروشاهه ويجهو پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪتل شادي شده عورت جي وارثن نوجوان جي گهر تي حملو ڪري چار عورتن سميت 7 ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو.
درٻيلو ۾ شادي شده عورت سمينا گوپانگ پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ حسن گوپانگ سان گهران نڪري وئي.
ناري جي واثن نوجوان حسن گوپانگ جي گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.جڏهن ته جوابدارن نوجوان جي پڦي گل پري کي اغوا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي.
پٺاڻي، خديت، گل پري ۽ ٻين متاثرن پاڪ ڪتاب کڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪيو ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي.
ناريءَ جي پيءُ گلاب گوپانگ جي فرياد تي درٻيلو چوڪي تي اغوا جي اين سي داخل ڪئي وئي، جڏهن ته نوجوان جي پيءُ عبداللطيف گوپانگ کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو…………..