اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي گستاخانه مواد بابت درخواست اڪلائيندي ٽن صفحن تي مشتمل مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

ISB-high-Court-181016

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي گستاخانه مواد بابت درخواست اڪلائيندي ٽن صفحن تي مشتمل مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت فيصلي ۾ چيو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي سوشل ميڊيا تي گستاخانه مواد لکندڙ بلاگرز کي پڪن ثبوتن جي بنياد تي وطن واپس آڻڻ لاءِ انتظام ڪرڻ گهرجن.

عدالت فيصلي ۾ چيو ته گهرو وزارت کي سوشل ميڊيا تي گستاخانه ۽ فحاشي مواد رکندڙ اين جي اوز خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

عدالت فيصلي ۾ حڪومت کي حڪم ڏنو ته اليڪٽرانڪ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ ايڪٽ ۾ هڪ مهيني دوران ترميم ڪري گستاخانه ۽ فحاشي مواد کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي.

جسٽس شوڪت عزيز صديقي رمارڪس ۾ ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو ته ميرٽ ۽ قانون موجب معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، پي ٽي اي چيئرمين کي تڪراري پيجز جي نشاندهي بعد هٽائڻ جو طريقيڪار واضع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت پي ٽي اي چيئرمين کي گستاخانه ۽ فحاشي مواد جي حوالي سان قانوني سزائون ڏيڻ بابت بريفنگ ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*