پاڪستان پيپلز پارٽي جي رجسٽريشن واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ناهيد خان جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

Supreme-Court-27117

پاڪستان پيپلز پارٽي جي رجسٽريشن واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ناهيد خان جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽَي رڪني بئنچ 6 اپريل تي ناهيد خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

ناهيد خان درخواست ۾ چيو هو ته پيپلز پارٽي جي لطيف کوسا جي نالي رجسٽريشن کي غير قانوني آهي، پ پ جو آصف علي زرداري سان ڪوبه تعلق نه آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پيپلز پارٽي کي سندس نالي تي رجسٽرڊ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ناهيد خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*