گهوٽڪي ۾ اڻڄاتل جوابدار مبينا طور ناري سميت ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪو به اغوا ناهي ٿيو، ناري پسند جو پرڻو ڪيو آهي

ghotki

گهوٽڪي ۾ اڻڄاتل جوابدار مبينا طور ناري سميت ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪو به اغوا ناهي ٿيو، ناري پسند جو پرڻو ڪيو آهي.

صالح پٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار گهر ۾ داخل ٿي 16 ورهين جي ناري راڻي ڀٽي، نذيران ۽ سندس ٽن ورهين جي پٽ  غلام مصطفي ڀٽي کي مبينا طور اغوا ڪري ويا.

مغوين جي وارثن جي فرياد تي غلام نبي چاچڙ خلاف صالح پٽ ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته غلام نبي چاچڙ، ساجد ۽ بخشو چاچڙ ناري راڻي سميت ٽن ڄڻن کي اغوا ڪيو آهي.

هنن چيو ته فوري طور تي اغوا ٿي ويل ٽنهي ڄڻن کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پوليس چيو آهي ته ناري راڻي غلام نبي چاچڙ سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، وارثن اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي.

پوليس موجب، جاچ بعد خبر پئي ته راڻي پنهنجي مرضي سان گهران نڪتي، باقي ٻيو ڪو به ماڻهو اغوا نه ٿيو آهي، وارث ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*