حڪومت پئٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ رپيو في لٽر واڌ ڪري ڇڏي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رهنديون

Petrol-Price-28217

حڪومت پئٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ رپيو في لٽر واڌ ڪري ڇڏي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رهنديون.

وفاقي حڪومت مهانگائي جي پيڙهيل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي جو پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي.

حڪومت پيٽرول  ۽ ڊيزل جي في لٽر ۾ هڪ هڪ رپيو واڌ ڪري ڇڏي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اسلام اباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري پئٽرول ۽ ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ رپيو في لٽر واڌ جو اعلان ڪيو.

وفاقي وزير چيو ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي وئي آهي.

اسحاق ڊار چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيل جي اگهن ۾ واڌ آئي آهي، پر واهپيدارن تائين ان جا گهٽ اثر منتقل ڪرڻ لاءِ  اپريل مهيني ۾ حڪومت 3 ارب پيا سبسڊي ڏيندي.

اگهن ۾ واڌ بعد  پيٽرول في لٽر 74 رپيا  ۽  هاءِ اسپيڊ ڊيزل في لٽر 83 رپيا ٿي ويو آهي، نئين اگهه تي عمل اڄ رات 12 وڳي کانپوءِ شروع ٿيندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*