پاڪستان جي ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم اڄ جي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪندي

Meckey arthor

پاڪستان جي ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم اڄ جي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪندي.

ويسٽ انڊيز جي شهر پورٽ آف اسپين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف جاري چار ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو آهي.

هن چيو ته نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان سيريز ۾ متاثر ڪندڙ پرفامنس جومظاهور ڪيو آهي، جنهن سبب ٽيم ٻنهي ميچز ۾ فتح حاصل ڪئي آهي.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيوته سندن نظرون اڄ جي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي کتل آهن.

هن چيو ته ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز بعد ون ڊي سيريز وڏي اهميت رکي ٿي ،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*