گهوٽڪي پوليس گرفتار جوابدار جي نشاندهيءَ تي ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري چار ڏينهن اغوا ٿي ويل نينگر کي بازياب ڪرائي ورتو

ghotkimap11-9

گهوٽڪي پوليس گرفتار جوابدار جي نشاندهيءَ تي ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري چار ڏينهن اغوا ٿي ويل نينگر کي بازياب ڪرائي ورتو.  گهوٽڪي پوليس قائد آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري اغوا ٿي ويل ڏهين درجي جي شاگرد جميل احمد عرف رضوان سومرو کي هٿ ڪري ورتو.  پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته نينگر جي اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار گرفتار ڪيو هو، جنهن جي نشاندهيءَ تي ڪارروائي ڪئي وئي.  چار ڏينهن اڳ گهوٽڪي مان شاگرد جميل احمد سومرو مبينا طور اغوا ٿي ويو هو، جنهن جي بازيابيءَ لاءِ وارث سراپا احتجاج بڻيل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*