نصيرآباد ويجهو ٽريڪٽر ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Naseer abad hadso

نصيرآباد ويجهو ٽريڪٽر ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽  4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن  لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.   انڊس هاءِ وي تي چنجڻي لاڙي ڀرسان  ڳوٺ صاحب خان چنجڻي  وٽ  تيز رفتار ٽريلر سامهون ايندڙ ٽريڪٽر سان ٽڪرائجي ويو ، جنهن ۾ ڳوٺ  ميانداد چنجڻي جو رهواسي پورهيت ساجد علي چنجڻي ٿڏي تي  فوت ٿي ويو.   حادثي ۾ 4 ڄڻا صحبت علي چنجڻي،  قدير علي ، محمد صادق چنجڻي ۽ ماجد انڙسخت زخمي ٿي پيا.

لاش ۽ زخمين کي ڳوٺاڻن کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو ، جتي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيو ويو ، جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي.  نصير آباد پوليس موجب حادثو ٽريلر جي تيز رفتاري سبب پيش آيو ، جڏهن ته ڊرائيور ۽ ڪلينر  کي گرفتار ڪري ٽريلر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*