ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني ۾ گارمينٽ فيڪٽري کي باهه لڳي وئي

karachi zonefire

ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني ۾ گارمينٽ فيڪٽري کي باهه لڳي وئي، فائربرگيڊ عملو باهه وسائڻ ۾ مصروف آهي.  فائر برگيڊ عملي موجب فيڪٽري ۾ لڳل باهه 3 درجي آهي جنهن کي وسائڻ لاءِ 13 فائر ٽينڊرس 2 واٽر پاورز ۽ اسٽارڪل مصروف آهن.  فائربرگيڊ عملي موجب باهه گذريل رات دير سان لڳي جنهن جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.  گارمينٽ فيڪٽري ۾ لڳل باهه سبب فيڪٽري ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي جنهن جي ماليت ڪروڙن ۾ ٻڌايو پيو وڃي.  مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته فائر برگيڊ عملو باهه لڳڻ کان 2 ڪلاڪ ليٽ آيو جنهن ڪري باهه تي ضابطو اچي نه سگهيو ۽ ڪروڙ جو نقصان ٿيو،

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*