ڀريا سٽي پوليس ناريءَ جي بازيابيءَ لاءِ باڊهه ۾ گهر تي چڙهائي ڪري هڪ عورت سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري وئي

Bhiria city

ڀريا سٽي پوليس ناريءَ جي بازيابيءَ لاءِ باڊهه ۾ گهر تي چڙهائي ڪري هڪ عورت سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته چڙهائي دوران ناري هٿ نه اچي سگهي.  شهر جي کوکر پاڙي ۾ ڀريا سٽي پوليس گهر تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران مسمات منور خاتون، مهراڻ، نجف ۽ راول کوکر کي گرفتار ڪري وئي.  پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ناري صائمه ڌيءَ سڪندر کوکر جي بازيابي لاءِ درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، جنهنڪري عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪئي وئي.  پوليس موجب ڪارروائي دوران اغوا ڄاڻايل ناري هٿ اچي نه سگهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*